گوادر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل باڊهه واسي واپاري گرداس مل جو مڙهه اباڻي شهر منتقل

گوادر ۾ گذريل رات هٿياربندن جي فائرنگ ۾قتل ٿيل باڊهه واسي واپاري گرداس مل جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد بلوچستان کان

ايمبولنس ذريعي اباڻي شهر منتقل ڪيو پيو وڃي، مقتول واپاري جو مڙهه اڄ باڊھ آڻي آخري رسمون ادا ڪيون وينديون، واپاري گرداس مل

جي والد سماجي اڳواڻ ڪامريڊ تيرٿ مل کي پڻ ڪجهه سال اڳ باڊھ ۾ رهزنن گوليون هڻي قتل ڪيو هو.

بلوچستان جي علائقي گوادر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل باڊھ واسي واپاري ۽ سوشل ورڪر گرداس مل جو مڙهه ايمبولينس ذريعي

اباڻي شهر آندو پيو وڃي، جتي سندس آخري رسمن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

واپاري گرداس مل جو تڏو باڊهه ۾سندس گهر اندر وڇايو ويو آهي، جتي سياسي، سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن توڙي شهرين جو وڏو انگ ويٺل آهي.

واپاري گرداس مل ڪيتري وقت کان بلوچستان جي علائقي گوادر ۾ڪاروبار سانگي ترسيل هو، جتي گذريل رات دڪان ٻاهران اڻڄاتل هٿياربندن کيس گولين جو بک بڻائي ڇڏيو.

ياد رهي ته مقتول گرداس مل جي والد سماجي اڳواڻ ڪامريڊ تيرٿ مل کي پڻ ڪجهه وقت اڳ باڊھ ۾ رهزنن گوليون هڻي قتل ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*