ڪراچي ۾ پاڻيءَ جي سنگين کوٽ؛ سموريون ڌريون مسئلو حل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪردار ادا ڪن: مراد علي شاهه

ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جي سنگين کوٽ بابت وڏي وزير جي صدارت هيٺ اهم اجلاس، وڏي وزير چيو آهي ته شهر کي روزانو هڪ هزار ملين گيلن پاڻيءَ جي ضرورت آهي،

پر اسان وٽ رڳو 5 سئو ملين گيلن پاڻي موجود آهي، سموريون ڌريون مسئلو حل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪردار ادا ڪن، اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي چيو ته پاڻيءَ جي چوري

روڪڻ ۽ واٽر بورڊ کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، خواجه اظهار چيو ته مسئلي جو حل وڏي وزير ۽ مڪاني ادارن وٽ آهي.

ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ جي مسئلي جي حل لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سمورن اسٽيڪ هولڊرز جو اجلاس جاري آهي.

اجلاس ۾سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي، پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ، پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو اڳواڻ خواجا اظهار،

اي اين پي اڳواڻ شاهي سيد، ميئر ڪراچي وسيم اختر، مڪاني کاتي جو صوبائي وزير سعيد غني ، ڪراچي جي صنعتڪارن، صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، صنعتڪارن

۽ آبد جي اڳواڻن  سميت ڪراچي جي سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جا اڳواڻ شريڪ آهن، جڏهن ته انيڪ مسئلن کي منهن ڏيندڙ ڪراچي جي سنڌي ۽ بلوچ وسندين جي رهواسين

توڙي اڳواڻن کي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت نه ڏني وئي آهي.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته شهر کي روزانو هڪ هزار ملين گيلن پاڻيءَ جي ضرورت آهي، پر اسان وٽ رڳو 5 سئو ملين گيلن پاڻي موجود آهي، سموريون ڌريون مسئلو

حل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪردار ادا ڪن.

مراد علي شاهه چيو ته پاڻي کوٽ جو مسئلو  ڪي فور منصوبو مڪمل ٿيڻ سان حل ٿي سگهي ٿو، جيڪو هن وقت فنڊز جي کوٽ ۽ ٻين مسئلن جي ڪري مڪمل نه ٿي سگهيو آهي.

ميئر ڪراچي وسيم اختر چيو ته پاڻيءَ جي چوري روڪڻ لاءِ ڪو اسٽرڪچر موجود ئي نه آهي.

سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي چيو ته پاڻيءَ جي چوري روڪڻ ۽ واٽر بورڊ کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ پاڻي چوري ڪندڙن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته پاڻي جي مسئلي تي سنڌ حڪومت سان هرممڪن

سهڪار ڪيو ويندو ۽ هو ڪي فور منصوبي لاءِ فنڊز بابت وفاق سان پڻ ڳالهائيندا.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجه اظهار چيو ته مسئلي جو حل وڏي وزير ۽ مڪاني ادارن وٽ آهي.

اي اين پي اڳواڻ  شاهي سيد چيو ته ڪراچي وڏي رتوڇاڻ ڏٺي آهي، هاڻي پاڻيءَ تي سياست نه ٿيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*