سنڌ جِي ساواڻ تي ماڪڙ جا حملا جاري آهن، سکر ضلعي ۾به ماڪڙ  ڪيترائي فصل کائي ناس ڪري ڇڏيا

سنڌ جِي ساواڻ تي ماڪڙ جا حملا جاري آهن، سکر ضلعي ۾به ماڪڙ  ڪيترائي فصل کائي ناس ڪري ڇڏيا، آبادگار حڪومتي عملدارن مان آسرو لاهي پاڻ ماڪڙ ڀڄائڻ جي ڪوششن ۾رڌل آهن، روهڙي ۽ صالح پٽ تعلقن ۾ماڪڙ ڀڄائڻ لاءِ رٻڙ جي بوتلن ۾پٿريون وجهي ڪڙڪاٽ ڪرڻ سان گڏ فصل ۾ٽين، ڏٻن، ٿال ۽ ٻين ٿانون جي آواز جي به گونجار ڪئي وئي، ڪيترن ئي هنڌن تي گند ڪچري مان دونهون ڪري ماڪڙ ڀڄائڻ جا جتن ڪيا پيا وڃن.

سنڌ جي مختلف ضلعن خيرپور، شهيد بينظير آباد ۽ ٻين هنڌن تي فصلن تي حملن کانپوءِ ماڪڙ سکر ضلعي جو رخ ڪيو آهي

سکر ضلعي جي ٻن تعلقن روهڙي ۽ صالح پٽ ۾ماڪڙ وونئڻن، ڀاڄين توڙي ٻين فصلن کي کائي ناس ڪري ڇڏيو آهي

فصل گهڻي حد تائين متاثر ٿيڻ کانپوءِ آبادگار حڪومتي عملدارن مان آسرو لاهي پاڻ ماڪڙ ڀڄائڻ لاءِ جتن ڪري رهيا آهن

روهڙي ۽ صالح پٽ تعلقن ۾ماڪڙ ڀڄائڻ لاءِ رٻڙ جي بوتلن ۾پٿريون وجهي ڪڙڪاٽ ڪيا پيا وڃن

ماڪڙ متاثر آبادگارن مطابق سنڌ حڪومت توڙي زراعت کاتي ماڪڙ کي مارڻ لاءِ ڪوبه تحرڪ ناهي ورتو

رابطو ڪرڻ تي ڊائريڪٽر زراعت رسول بخش جوڻيجو ٻڌايو ته پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ ماڪڙ جي حملي کان اڳواٽ بچاءَ جو ڪوبه بندوبست نه هوندو آهي، ماڪڙ جي حملي بعد ئي ماڪڙ مار اسپري ڪرايو ويندو آهي، جيڪو جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*