نيب سکر آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾اڳوڻي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي

نيب سکر آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾اڳوڻي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي، اڳوڻي صوبائي وزير خلاف جاري جاچ ۾لاڳاپيل عملدارن کان ڄاڻ طلب ڪئي وئي آهي.

نيب سکر جي ٽيم اڳوڻي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال خلاف هلندڙ جاچ جي سلسلي ۾لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل کان 5 هائوسنگ اسڪيمن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

نيب سکر پاران لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي کي لکيل ليٽر موجب سهيل انور سيال جي حوالي سان سموري معلومات 9 جولاءِ تائين اماڻي وڃي

سهيل انور تي خاندان جي فردن جَي نالن تي لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ هائوسنگ جي 5 اسڪيمن مان فائدو ماڻڻ جا الزام آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*