مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاقي سرڪار پاران اسپتالون واپس ڪرڻ مان لڳي ٿو ته وفاقي حڪومت کي ڪراچي جي عوام سان ڪو به واسطو ناهي

سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب پاران ٽي اسپتالون سنڌ حڪومت کي واپس ڪرڻ واري فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته اسان اڳ ئي چيو هو ته وفاقي سرڪار ۾ اسپتالون هلائڻ جي همت ئي نه آهي، سنڌ حڪومت ٽنهي اسپتالن کي بهتر نموني هلائي رهي هئي، نيازي سرڪار سنڌ جي معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪري .

مرتضيٰ وهاب وفاق پاران ڪراچي جي جناح اسپتال، اين آءِ سي ايڇ ۽ اين آءِ سي وي ڊي   واپس سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ ڪرڻ تي رد عمل ظاهر ڪندي پنهنجي بيان ۾ چيو ته وفاقي سرڪار جي فيصلي مان ٿابت ٿي ويو ته سندن موقف سچ ٿابت ٿي ويو آهي.

هن چيو ته هنن پهريان ئي چيو هو ته نيازي سرڪار ۾ اسپتالون هلائڻ جي سگهه ئي ناهي، هي ڪهڙي حڪومت آهي جيڪا پنهجي فنڊز کي عوامي مسئلن تي ترجيح ڏئي رهي آهي

مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاقي سرڪار پاران اسپتالون واپس ڪرڻ مان لڳي ٿو ته وفاقي حڪومت کي ڪراچي جي عوام سان ڪو به واسطو ناهي

سنڌ حڪومت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته  پي ٽي آءِ کي وڏي واڪي سندس دعوائون ٻوري ڇڏينديون ، نيازي سرڪار صوبن جي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ کان پاسو ڪري

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*