ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش گروپ جي سرپرست اعليَ اسلم اڪبر قاضي ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو، ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش گروپ جي سي اي او محمد اطهر قاضي ۽ ڪي ٽي اين نيوز ڊائريڪٽر مصطفيَ جروار شريڪ

انتظار ختم، ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش گروپ پاران “هڪ وڻ سنڌ امڙ جي نانءُ” جي سِري هيٺ وڻڪاري مهم جي باقائدا شروعات ٿي وئي، ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش جي سرپرست اسلم اڪبر قاضي ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو، تقريب ۾ ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش جو سِي اِي او محمد اطهر قاضي ۽ ڪي ٽي اين جو ڊائيريڪٽر نيوز مصطفيٰ جروار به شريڪ، اسلم اڪبر  قاضي چيو آهي ته منهنجي والد اڪبر قاضي کي به ٻوٽا پوکڻ سان دِلي لڳاءُ هو، وڻ پوکي موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو، محمد اطهر قاضي چيو آهي ته وڻ ۽ ٻوٽا پوکڻ صدقه جاريه آهي، هر سنڌ واسي سنڌ امڙ جي نانءُ هڪ ٻوٽو پوکي ماحول دوستي جو ثبوت ڏئي، وڻڪاري مهم اڄ کان 14 جولاءِ تائين جاري رهندي، سنڌ واسي مهم جو حصو بڻجن لاءِ پرجوش آهن.

ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش گروپ پاران شروع ٿيل “هڪ وڻ سنڌ امڙ جي نانءُ” جي عنوان سان اڄ کان شروع ٿيندڙ وڻڪاري مهم کي زبردست موٽ، سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن، واهڻ واهڻ وستي وستي نوجوان، بزرگ توڙي ٻارڙا وڻ پوکڻ لاءِ نڪري پيا، جسقم چيئرمين صنعان قريشي پاران ڪارڪنن کي مهم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي هدايت، شڪارپور ۾ صوبائي وزير امتياز شيخ ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جو اعلان.

ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش گروپ پاران “هڪ وڻ سنڌ امڙ جي نانءُ” جي مهم ۾ ايس آءِ يو ٽي سکر پاران ڀرپور حصو وٺڻ جو اعلان، 25 هزار پِپر جا وڻ پوکڻ لاءِ تيار، ايس آءِ يو ٽي سکر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اقبال دائود پوٽو چيو آهي ته ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش گروپ جي اڄ کان شروع ٿيندر مهم ۾ ڀرپور حصو وٺنداسين، اسان وٽ پپر جا 25 هزار وڻ موجود آهن، جيڪي مفت ۾ حاصل ڪري سگهجن ٿا، ڪوشش هوندي ته وڻ ادارن کي اوليت جي بنياد ڏيون جيئن انهن جي سنڀال ٿي سگهي.

ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش گروپ “هڪ وڻ سنڌ امڙ جي نانءُ” جي سِري هيٺ شروع ٿيل وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ شاعرن ۽ اديبن وڻ پوکيا، شير مهراڻي، عنايت کٽياڻ ۽ ٻين چيو آهي ته ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش گروپ جي  “هڪ وڻ سنڌ امڙ جي نانءُ” وڻڪاري مهم کي ڪامياب بڻائينداسين.

ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش گروپ پاران اڄ کان 14 جولاءِ تائين جاري رهندڙ “هڪ وڻ سنڌ امڙ جي نانءُ” جي سِري هيٺ وڻڪاري مهم کي سنڌ واسين پاران ڀرپور موٽ، پنوعاقل ۾ رينجرز ۽ موٽروي پوليس ٻوٽا پوکي وڻڪاري مهم جو حصو بڻجي ويا، ٽائون ڪميٽي انتظاميا پاران به وڻڪاري مهم ڀرپور نموني هلائڻ جو اعلان، مٽياري جي سرڪاري اسڪولن ۾ استادن ۽ شاگردن ٻوٽا پوکي مهم جي آجيان ڪئي، پير ڳوٺ ۽ ڪشمور ۾ به شهرين پاران مهم ۾ حصو وٺڻ لاءِ نڪري پيا.

ملير جي سول سوسائٽي پاران ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش گروپ جي “هڪ وڻ سنڌ امڙ جي نانءُ” جي سِري هيٺ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ ذوالفقار منگي، مسرور سيال ۽ ٻين گلشن معظم ۾ ٻوٽا پوکيا، اڳواڻن چيو ته، هڪ وڻ سنڌ امڙ جي نانءُ واري وڻڪاري مهم کي ڪامياب بڻائي ڌرتي ماءُ سان محبت جو اظھار ڪنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*