ٺل ۾ هٿياربندن هٿان واپاري قتل، شهرين پاران شٽربند هڙتال ڪرڻ بعد لاش رکي ڌرڻو هڻي احتجاج

 

ٺل ۾هٿياربندن هٿان واپاري جي قتل خلاف شهرين شٽربند هڙتال ڪرڻ بعد لاش رکي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو، شهرين جو چوڻ آهي ته

هٿياربندن گوليون هڻي دڪاندار کي سرعام قتل ڪري ڇڏيو، پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

گذريل رات هٿياربندن جي فائرنگ ۾نوجوان دڪاندار قائم الدين سرڪي جي قتل خلاف شهرين سمورو ڪاروبار بند ڪري شٽر بند هڙتال ڪري ڇڏي.

مقتول واپاري جي وارثن ۽ شهرين مقتول جو لاش کڻي رهبر چوڪ تي رکي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

احتجاج روڊ تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جنهن جي ڪري گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

 احتجاج ڪندڙن چيو ته هٿياربندن شهر ۾ سرعام فائرنگ ڪري دڪاندار کي قتل ڪيو آهي، پر پوليس قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

ان موقعي تي پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي پڻ ڌرڻي واري هنڌ پهچي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي، بعد ۾ انتظاميا جوابدار گرفتار

ڪرڻ جي خاطري  ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*