نواز شريف ۽ آصف زرداري  خزاني کي صاف ڪري ڇڏيو، شريف خاندان  خلاف وڌيڪ دستاويزي ثبوت سامهون آڻينداسين: مراد سعيد

وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته احسن اقبال پاڪستان کي پنجاهه ارب رپين جو نقصان پهچايو ۽ احسن اقبال جي ڀاءَ کي ڪانٽريڪٽس

جا پئسا جعلي اڪائونٽس ذريعي ڏنا ويا،هي ڪيس نيب ڏانهن موڪليو ويو آهي.احتساب بابت خاص معاون شهزاد اڪبر چيو ته جج جي ويڊيو

واري معاملي جي اسلام آباد هائي ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ جي ذريعي جاچ ڪرائي وڃي.

اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مراد سعيد طنز ڪندي چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري ملڪ جي خزاني کي صاف ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته احسن اقبال پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته هن ايم او يو تي نوازشريف جي چوڻ تي صحيحون ڪيون هيون ۽ هن جي ڀاءَ کي پنجاب هارٽي ڪلچر

ٽاسڪ فورس جو چيئرمين لڳايو ويو.آصف زرداري لاڙڪاڻي جي رستن کي به معاف نه ڪيو.

مراد سعيد چيو ته ڪڏهن ريڪارڊ غائب ٿي وڃي ٿو ۽ ڪڏهن وري سڙي وڃي ٿو.

هن چيو ته شهباز شريف 2008 ۾ مصطفيٰ ڪمال کي چيف منسٽر ٽاسڪ فورس جو چيئرمين مقرر ڪيو،ان کانپوءِ هن کي ٺيڪا ڏنا ويا،خواجا آصف

بچاءَ جو وزير هو ۽ پرڏيهه مان پگهار وٺي رهيو هو.

هن چيو ته شهباز شريف پنجن گهرن کي سي ايم هائوس ڊڪليئر ڪيو،جنهن جو خرچ حڪومت برداشت ڪيو.

پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو شهزاد اڪبر چيو  ته اڳوڻن حڪمرانن جي خلاف انهن جي ڪڪ بيڪس ۽ ڪميشن جا ثبوت سامهون آڻينداسين.

هن چيو ته شريف خاندان  جي خلاف وڌيڪ دستاويزي ثبوت سامهون آڻينداسين، ايندڙ ڏينهن ۾ شريف خاندان جي خلاف وڏيون وڏيون چوريون سامهون آڻينداسين.

هن چيو ته شهباز شريف چئي ٿو ته هن کوٽي پئسي جي به ڪرپشن نه ڪئي آهي،هي اصل ٽي ٽي مافيا آهي.سپريم ڪورٽ پهريان ئي انهن کي سسلين مافيا ڊڪليئر ڪيو.

هن چيو ته ڇانگا مانگا جي سياست  سياسي ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*