اڳوڻي صدر آصف علي زرداري دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان جي حڪومت 4 کان 5 مهينن ۾ وڃڻ واري آهي، ملڪ ۾ مستقبل بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز جو آهي

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان جي حڪومت 4 کان 5 مهينن ۾ وڃڻ واري آهي، ملڪ ۾ مستقبل بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز جو آهي

پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته خبر اها آهي ته عمران خان جي حڪومت وڃڻ واري آهي، حڪومت وڃڻ ۾ 4 کان 5 مهينا لڳي سگهن ٿا.

هن چيو ته اهي ماڻهو ڪڏهن وڃن ۽ ڪيترن ڏينهن کانپوءِ وڃن ان لاءِ جدوجهد جاري آهي، جنهن کانپوءِ سياسي طاقت سامهون ايندي

سندس چوڻ هو ته سياست ۾ هاڻي مستقبل بلاول ۽ مريم نواز جو آهي، مريم منهنجي ڌيءَ جيان آهي کيس صلاح مشورا ڏيندا رهنداسين

اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته پرادڪشن آرڊرز جاري نه ڪرڻ پارلياماني روايت جي خلاف آهي، حڪمران پارليامينٽ کي جيترو ڪمزور ڪندا ان جو صِلو پاڻ ئي ماڻيندا، سياسي ماڻهن خلاف ڪارروايون ٿي رهيون آهن، آئون ان کي سول مارشل لا چوندس.

آصف علي زرداري چيو ته سياست ۾ اسان کان به غلطيون ٿيون آهن، پر ڪوشش هوندي ته ٻيهر ائين نه ٿئي، اپوزيشن جماعتون اڳتي هوشيار رهنديون ۽ پاڻ ۾ نه وڙهنديون، اسان جي ڪمزورين جو نتيجو ۽ انعام ئي عمران آهي.

هن چيو ته حڪومت وڌيڪ 30 ارب ڊالرز جو قرض وٺڻ وڃي رهي آهي جنهن تي ڳڻتي آهي، اڳ ۾ اسان چين ۽ ٻين دوست ملڪن کان قرض ورتو، هاڻي جن ملڪن کان قرض ورتو پيو وڃي اهي اسان جا جهاز به روڪي وٺندا ۽ سفارتخانا به ضبط ڪندا.

آصف زرداري چيو ته مون پنهنجي انٽرويو ۾ عمران خان جي لنڊن ۾ اسڪينڊل بابت ڳالهه ڪئي، منهنجي نظر ۾ وزيراعظم جو وڏو اسڪينڊل اچڻ وارو آهي، ٿي سگهي ٿو ان ڪري ئي منهنجو انٽرويو هلڻ نه ڏنو ويو.

آصف زرداري چيو ته مون احتساب عدالت جي جج جي وڊيو نه ڏٺي آهي، شروع کان چوان پيو ته نواز شريف جي طبعيت خراب آهي، کيس گهٽ ۾ گهٽ گهر ۾ ئي نظر بند ڪيو وڃي، انشاءَ الله 2019 بلاول ڀٽو زرداري جي شادي جو سال آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*