پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان کي سليڪٽ ڪرڻ وارا به پريشان آهن ته هو ڪنهن نالائق کي اڳتي کڻي آيا آهن

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان کي سليڪٽ ڪرڻ وارا به پريشان آهن ته هو ڪنهن نالائق کي اڳتي کڻي آيا آهن، اسان جو مقابلو جمهوريت جي پردي ۾ لڪيل آمريت سان آهي، منهنجي ڀلي سموري ڪٽنب کي جيل موڪليو وڃي پر جمهوري نظام تي ڪو سمجهوتو نه ڪنداسين.

خيبرپختونخوا جي علائقي لوئر دير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام جي دلين ۾ اهو ئي زنده رهي سگهي ٿو جنهن عوام کي پنهنجو مڃيو هجي، اڄ ڪو به ضياءَ الحق ۽ پرويز مشرف جو نالو وٺڻ وارو نه آهي.

هن چيو ته چونڊن کان اڳ عمران خان انصاف جي ڳالهه ڪندو هو پر اڄ سندس سياست انتقام جي سياست آهي ۽ اڄ اسان جو مقابلو سليڪٽڊ وزيراعظم سان آهي جيڪو اسان جا حق کسڻ چاهي ٿو

سندس چوڻ هو ته عمران خان پنهنجي نالائقي لڪائڻ لاءِ عوام تي مهانگائي جو بار وڌو آهي سليڪٽڊ حڪومت عوام سان دشمني ڪندي بجلي، گئس، دالون، ڊالر، پيٽرول، کير ۽ دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون آهن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان ٻڌي ڇڏي، سندس پارٽي ۽ سموري ڪٽنب کي ڀلي جيل موڪليو وڃي پر اصولن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪنداسين ۽ نه ئي ارڙهين ترميم ۽ جمهوريت تي ڪا سوديبازي ڪنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*