ڪوئيٽه ۾ اسمگلرز هٿان تشدد جو نشانو بڻيل خيرپور واسي ڪسٽمز ڊپٽي ڪليڪٽر عبدالقدوس شيخ  فوت ٿي ويو

ڪوئيٽا ۾ اسملگرز هٿان تشدد جو نشانو بڻيل خيرپور  واسي ڪسٽم جو ڊپٽي ڪليڪٽر عبدالقدوس شيخ ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جي سٽ

نه سهندي فوت ٿي ويو، عبدالقدوس شيخ کي ڊيوٽي دوران منشيات جي اسمگلنگ روڪڻ تي اسمگلرز سخت تشدد جو نشانو بڻايو هو.

ڪوئيٽا جي سرياب واري علائقي ۾ اسمگلرز هٿان تشدد جو نشانو بڻيل ڊپٽي ڪليڪٽر ڪسٽمز  ڊاڪٽر عبدالقدوس شيخ ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

عبدالقدوس شيخ کي منشيات جي اسمگلنگ روڪڻ تان اسمگلرز تشدد جو نشانو بڻايو هو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪالهه ڪراچي منتقل ڪيو ويو،

جتي اڄ هن زخمين جي سٽ نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪسٽم اختيارين عبدالصدوس جي پوئواري نه ڪئي،جنهن ڪري هو ڪوما ۾ هليو ويو

ڪسٽم جي ڊپٽي ڪليڪٽر عبدالقدوس شيخ جو مڙهه سندس اباڻي شهر خيرپور منتقل ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*