پ پ چيئرمين اسٽينڊنگ ڪميٽين جا اجلاس ملتوي ڪرڻ کي پارليامينٽ تي حملو قرار ڏئي ڇڏيو

پ پ چيئرمين اسٽينڊنگ ڪميٽين جا اجلاس ملتوي ڪرڻ کي پارليامينٽ تي حملو قرار ڏئي ڇڏيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پارليامينٽ تي پارليامينٽ جي اندران ئي حملا ٿي رهيا آهن، قانون موجب اسٽينڊنگ ڪميٽيز تي پابندي نه ٿي لڳائي سگهجي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽيز کانسواءِ پارليامينٽ جو ڪردار اڻپورو آهي، جمهوري رستا بند ٿيندا ته ان جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا

هن چيو ته قانون موجب اسپيڪر اسٽينڊنگ ڪميٽيز جي اجلاسن تي پابندي نه ٿو لڳائي سگهي، جمهوريت پسند ماڻهن کي مجبور ڪيو ويو ته ان جا نتيجا بهتر نه نڪرندا

سندس چوڻ هو ته اپوزيشن جي گڏيل راءِ سان سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ چاهيون ٿا، اپوزيشن جو گڏيل اميدوار سينيٽ چيئرمين بڻيو ته اها اسان جي ڪاميابي هوندي

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي  آهي، اسان معاشي صورتحال تي حڪومت سان سهڪار ڪرڻ پئي  چاهيو پر اسان جي هڪ به نه ٻڌي وئي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*