وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته خواجا آصف اهم وزارتن تي هوندي اقامه تي نوڪري ڪري پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي، ايف آءِ اي کي معاملي جي جاچ جي هدايت ڏني وئي آهي

وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته خواجا آصف اهم وزارتن تي هوندي اقامه تي نوڪري ڪري پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي، ايف آءِ اي کي معاملي جي جاچ جي هدايت ڏني وئي آهي

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته آصف زرداري پنهنجي صدارتي دور ۾ پرڏيهي ملڪن جا 134 دورا ڪيا ۽ مجموعي طور 257 ڏينهن ملڪ کان ٻاهر رهيو

هن چيو ته آصف زرداري صدارتي دور ۾ پرڏيهي دورن تي هڪ ارب 42 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ۽ سوا 3 هزار ماڻهن کي پاڻ سان گڏ پرڏيهه وٺي ويو، آصف زرداري ساڍا 4 ڪروڙ  رپين جا ماڻهن کي تحفا ڏنا.

سندس چوڻ هو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي دور ۾ هڪ ارب 84 ڪروڙ رپيا پرڏيهي دورن تي خرچ ڪيا، جڏهن قرض وڌندا آهن ته شاهي خرچن جو ٻڌي هانءَ سڙڻ لڳندو آهي

شفقت محمود چيو ته يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف ۽ شاهد خاقان عباسي جي دورن جا تفصيل به جلد جاري ڪنداسين

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي آمريڪي دوري دوران ڪنهن وڏي هوٽل بدران پاڪستاني سفارتڪار جي گهر ترسندو.

وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته ججز جي جاري ٿيل وڊيو کي درست قرار ڏيڻ جو بار نون ليگ تي آهي، لڳي ٿو جعلي وڊيو ٺاهڻ جي فئڪٽري لڳائي وئي آهي، عدليا تي حملا نون ليگ جي پراڻي عادت آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*