ڪراچي ۾ هڪ ڏينهن دوران فائرنگ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ نجي ٽي وي جي اينڪر سميت 4 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي ۾ هڪ ڏينهن دوران فائرنگ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ نجي ٽي وي جي اينڪر سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، ايس ڪلپٽن شيراز نذير جو چوڻ آهي ته صحافي مريد عباس ۽ سندس دوست کي زخمي ڪندڙ مبينا  عاطف زمان واقعي بعد فليٽ ۾ پاڻ کي فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو آهي،  آءِ جي سنڌ ڪليم امام فائرنگ واقعن جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل عملدارن کان رپورٽس طلب  ڪري ورتيون آهن، ڊي جي آءِ ايس پي آر، بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جي مذمت ڪندي وارث سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

ڊفينس جي بخاري ڪمرشل واري علائقي ۾ هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ ۾ اينڪر پرسن مريد عباس ٿڏي تي مارجي ويو جڏهن ته سندس دوست خضر زخمي ٿي پيو، جنهن اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو

گلستان جوهر جي پهلوان ڳوٺ واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن  ۾ ٽيڪسي ڊرائيور عزيز ۽ نصير مارجي ويا

آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام جو چوڻ آهي ته مريد عباس جي قتل واري معاملي جي جاچ لاءِ واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون پيا

مقتول صحافي جي زال جو چوڻ آهي ته کيس يقين آهي ته عاطف زمان سندس مڙس کي سيڙپڪاري جا پيسا گهرڻ تان قتل ڪيو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*