پ پ اميدوار خير محمد شيخ لاڙڪاڻي ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئر چونڊجي ويو

پ پ اميدوار خير محمد شيخ لاڙڪاڻي ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئر چونڊجي ويو

ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو جي ميئر جي چونڊ لاءِ لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل ۾ قائم ٿيل پولنگ اسٽيشن تي صرف پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيو، جنهن دوران 19 ميمبرن ووٽ ڏنا، جنهن تحت غير سرڪاري نتيجن مطابق خير محمد شيخ ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئر چونڊجي ويو.

پيپلزپارٽي جي مخالف اميدوار  عوامي اتحاد جي اڳواڻ رافع عباسي ۽ سندس حمايتي ميمبرن چونڊ کان اڳ بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو هو

عوامي اتحاد جي اميدوار الزام لڳايو هو ته پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل اميدوار خير محمد شيخ ميمبرن کي ووٽ ڏيڻ کان روڪي رهيو آهي، اها ڪهڙي جهموري اليڪشن آهي جو ميمبر جمهوري طريقي سان ووٽ به نه ٿا ڏئي سگهن.

هن چيو ته ميمبرن کي ووٽ ڏيڻ کان روڪڻ تي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*