پيپلزپارٽي جَي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مهانگائي خلاف 12 جولاءِ تي سکر ۾ڌرڻو هڻڻ ۽ 13 جولاءِ تي سکر کان پنجاب جَي دنگ تائين ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پيپلزپارٽي جَي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مهانگائي خلاف 12 جولاءِ تي سکر ۾ڌرڻو هڻڻ ۽ 13 جولاءِ تي سکر کان پنجاب جَي دنگ تائين ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، روهڙيءَ ۾ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪارڪنن سان ملي عوامي طاقت ذريعي مهانگائي ڪندڙن جو گهيرو تنگ ڪيو ويندو.

هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا سمجهن پيا ته پارٽي ختم ٿي وئي  آهي، پر هو نٿا ڄاڻن ته پارٽي ته هاڻي شروع ٿي آهي

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪارڪنن سان ملي عوامي طاقت ذريعي مهانگائي ڪندڙ حڪمرانن جو مقابلو ڪيو ويندو

هن چيو ته چونڊيل نمائندا هاڻ سڀ سٺو آهي جي رپورٽ ڏيڻ کان محتاط رهندا، مهانگائي کي برداشت نه ڪيو ويندو

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت عوام دشمن بجيٽ پيش ڪري عوام کي مهانگائي جي آڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي

هن چيو ته پي ٽي آءِ جي وزير اسيمبلي ۾ چيو هو ته سنڌ جو پاڻي چوري ٿي رهيو آهي، وزير جي انڪشاف باوجود پاڻي وارو مسئلو حل ناهي ٿيو

بلاول ڀٽو چيو ته ڪنوينشنز جو سلسلو سموري ملڪ۾ جاري رهندو، جيالن جو حوصلو بلند ڪيو ويندو

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اين اي 205 گهوٽڪي جي ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ 13 جولاءِ تي سکر کان گهوٽڪي ۽ پنجاب جي بارڊر تائين ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ۽ اسان جي خاندان کي گرفتار ڪري جيل موڪلي جهڪائي نٿو سگهجي.

هن چيو ته ڀٽو خاندان ملڪ، عوام ۽ جمهوريت خاطر قربانيون ڏنيون آهن هاڻ به قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون

روهڙي ۾ورڪرز ڪنوينشن ۾ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، سيد قائم علي شاهه، اسلام الدين شيخ، ناصر حسين شاهه، اويس شاهه، نعمان اسلام شيخ، ميئر ارسلان شيخ، مهرين ڀٽو، ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*