نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته هي مونکي هر حال ۾ گرفتار يا نظر بند ڪرڻ چاهين ٿا پر مسئلو اهو آهي ته کين منهنجي خلاف ڪجهه ملي نه پيو

نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته هي مونکي هر حال ۾ گرفتار يا نظر بند ڪرڻ چاهين ٿا پر مسئلو اهو آهي ته کين منهنجي خلاف ڪجهه ملي نه پيو

احتساب عدالت پاران پيشي واري نوٽيس تي ردعمل ڏيندي مريم نواز چيو ته ويچارن کي منهنجي خلاف ڪجهه ملي نه پيو ته کين اهو ڪوڙو ڪيس ٻيهر کولڻو پئجي ويو آهي، جنهن ۾ مونکي اڳ ئي سزا ملي چڪي آهي ۽ ان کي هاءِ ڪورٽ معطل به ڪيو.

مريم نواز جو چوڻ هو ته نيب جو اهڙو قدم ڪوڙو آهي جيڪو گهڻا ڏينهن هلي نه سگهندو، آئون عدالت آڏو پيش نه ٿي  کين پنهنجي گرفتاري پليٽ ۾ وجهي نه ڏيندس

مريم نواز  چيو ته آئون عدالت آڏو پيش ٿي ترديد نه ٿيڻ جوڳيون حقيقتون سامهون رکي سليڪٽيڊ وزيراعظم هٿان استعمال ٿيندڙ نيب کي وائکو ڪرڻ جو موقعو نه وڃائينديس

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*