وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هڪ ماڻهو چوي ٿو پراڻيون ڳالهيون ڇڏي اڳتي جو سوچيو، اصل ۾ حڪومت ڪيرائڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ وارا منهنجي واتان رڳو اين آر او جا ٽي لفظ ٻڌڻ چاهين ٿا

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هڪ ماڻهو چوي ٿو پراڻيون ڳالهيون ڇڏي اڳتي جو سوچيو، اصل ۾ حڪومت ڪيرائڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ وارا منهنجي واتان رڳو اين آر او جا ٽي لفظ ٻڌڻ چاهين ٿا، سندس اين آر او چوڻ سان هنن لاءِ حڪومت سٺي ٿي ويندي پر هن اين آر او ڏنو ته اها قوم سان غداري هوندي.

ڪراچي ۾ گورنر هائوس ۾ مختلف وفدن سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پهرين ڏينهن کان ئي اهي ماڻهو بليڪ ميل ڪري ڏڦيڙ پکيڙن پيا، ڪرپشن، ڦرلٽ ۽ مني لانڊرنگ ڪرڻ وارن کي هر حال ۾ جيل اماڻيو ويندو.

عمران خان چيو ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته پراڻيون ڳالهيون ڇڏي اڳتي جو سوچيو، پر چوري، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ ۾ ملوث ماڻهن لاءِ سزا ضرور ملندي، اهڙن ماڻهن جي ڪري ئي ملڪ ۽ عوام مشڪلاتن ۾ گهڙيل آهن.

وزيراعظم چيو ته چورن، ڪرپٽ ۽ مني لانڊرنگ ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ اين آر او نه ڏنو ويندو، گهر ۾ ڪو به چوري ڪندو آهي ته ان کي سزا ضرور ملندي آهي

عمران خان چيو ته پرڏيهه ۾ نه ته سندس اڪائونٽس آهن نه ئي ملڪيتون ناهن، منهنجو جيئڻ مرڻ ملڪ ۾ آهي، اين آر او گهرندڙن جون ملڪتيون ٻاهر آهن

وزير اعظم چيو ته اهي ڊنل آهن، انهن خلاف ڪا نه ڪا شئي ملي ٿي

عمران خان چيو ته هو امريڪا وڃي رهيو آهي، ڪوشش هوندي ته دوري دوران سفارتخاني ۾ ئي رهائش اختيار ڪيان

وزيراعظم چيو ته سنڌ ۾ ڪڏهن ۾ به گورنر راڄ جي ڳالهه نه ڪئي آهي ۽ نه ئي ان بابت سوچيون پيا

عمران خان چيو ته هڪ سال ۾ جيڪو ٽيڪس جمع ٿيو ان جو اڌ وياج ۾ هليو ويو، ڪوشش آهي ته مشڪل وقت ۾ به بزنس ڪميونٽي جي مدد ڪيون

وزيراعظم چيو ته ملڪ ٽن طريقن سان قرض مان ٻاهر نڪرندو، قرضن مان نڪرڻ لاءِ صنعتڪار صنعت کي هٿي وٺرائين

عمران خان چيو ته اسان حڪومتي خرچا گهٽ ڪري رهيا آهيون، ماڻهو ٽيڪس نه ڏيندا ته نوٽ ڇاپڻا پوندا، پوءِ مهانگائي ٿيندي، ٻن جماعتن ملڪي قرض 30هزار ارب رپين تائين پهچايو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*