صادق آباد لڳ اڪبر بگٽي ٽرين حادثي  ۾ جاني نقصان تي ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد  واقعي جو نوٽيس ورتو

صادق آباد لڳ اڪبر بگٽي ٽرين حادثي  ۾ جاني نقصان تي ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد  واقعي جو نوٽيس ورتو.

شيخ رشيد  فوتين جي وارثن کي 15-15 لک ۽ زخمين لاءِ 5-5 لک  رپيا امداد جو اعلان ڪيو آهي.

شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته نيون ٽرينون هلايون پيون وڃن پر نئون ٽريڪ نه وڇايو ويو آهي.

هن چيو ته بدقسمتي سان حادثن پٺيان ريلوي جي ننڍن ملازمن جي غفلت شامل آهي .

ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان المناڪ حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

وزير اعظم هدايت ڪئي ته حادثي ۾ زخمين جي علاج ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وڃي.

هن متاثر خاندانن جي پونئرن سان به دلي همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*