سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي جي تبديلي لاءِ متحدا اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي جي تبديلي لاءِ متحدا اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي جو اجلاس اڄ اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ ٿي رهيو آهي.

ڪي پي جي اڳوڻي وڏي وزير اڪرم دراني جي صدارتي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ سينيٽ جي چيئرمين لاءِ گڏيل اميدوار جي نالي جو اعلان ڪيو ويندو.

نئين چيئرمين جي نامزدگي لاءِ رهبر ڪميٽي نون ليگ جي راجا ظفرالحق،مصدق ملڪ، پرويز رشيد ۽ نيشنل پارٽي جي سربراهه سينيٽر حاصل بزنجو جي نالي تي غور ڪندي.

سينيٽ جي چيئرمين کي هٽائڻ لاءِ ٺهراءَ جمع ڪرائڻ کانپوءِ  حڪومت ،مخالف ڌر تي تنقيد شروع ڪري ڇڏي آهي.جڏهن ته چيئرمين کي بچائڻ لاءِ حڪومت هٿ پير هڻي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*