وزيراعظم جي معاون خصوصي فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪجهه سياسي پنڊت سينيٽ کي پنهنجي خواهش تحت هلائڻ لاءِ ضد تي اَڙيل آهن

وزيراعظم جي معاون خصوصي فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪجهه سياسي پنڊت سينيٽ کي پنهنجي خواهش تحت هلائڻ لاءِ ضد تي اَڙيل آهن، قوم ڪنهن سياسي ايڊوينچرز سان اتفاق نه ٿي ڪري سگهي، حڪومت صادق سنجراڻي سان گڏ بيٺل آهي.

هن چيو ته ماضي ۾ حڪومت ۽ ملڪي ادارن سان کيڏيو ويو، پاڪستان ۾ جموريت کي ڍال بڻائي ادارن کي ڪمزور ڪيو ويو، ادارن کي پنهنجي اثر هيٺ آڻي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو

سندس چوڻ هو ته سياست جا ٻارهوان رانديگر ٻاهر ويهي پارليامينٽ کي ڊڪٽيٽ ڪرڻ چاهين ٿا، سندن لشڪر ڪشي جو اڳيون هدف سينيٽ آهي پر سياسي طور کين ڪجهه به حاصل نه ٿيندو

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عام سياستدانن جي سوچ ايندڙ چونڊن تائين محدود هوندي آهي پر حقيقي سياستدان ايندڙ نسلن جي مسقبل جو سوچيندو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*