پپيلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪٺ پتلي حڪومت 18 هين ترميم ۽ اين ايف سي تي حملو ڪري رهي آهي

پپيلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪٺ پتلي حڪومت 18 هين ترميم ۽ اين ايف سي تي حملو ڪري رهي آهي،پاڪستان ۾اظهار جي آزادي تي سواليا نشان لڳي ويو آهي،  دهشتگردن جو انٽرويو ته هلي سگهي ٿو پر اڳوڻي صدر جو انٽرويو نشر نٿو ڪيو وڃي، سکر پريس ڪلب ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته پريس ڪلبز جو جمهوريت واري جنگ ۾ فرنٽ لائين جو ڪردار آهي،اليڪشن کانپوءِ ميڊيا هائوسز تي معاشي حملا ڪيا ويا، صحافين کي ادارن مان نيڪالي ڏني وئي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن پولنگ اسٽيشن تي مني مارشل لا لاڳو هوندي ته پوءِ اليڪشن شفاف ڪيئن ٿيندي، ڪٺ پتلي حڪومت جو مقابلو ڪيو ويندو

پ پ چيئرمين چيو ته محترمه بينظير ڀٽو آمريت جو مقابلو ڪيو، آئون به شهيد راڻي جو مشن کڻي نڪتو آهيان، عوام جي حقن جي جدوجهد کي توڙ تائين پهچايو ويندو

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن اسان 2008ع ۾ حڪومت سنڀالي ته معاشي بحران هيو، ملڪ دهشتگردي جي ور چڙهيل هو، پر تنهن باوجود انقلابي قدم کڻندي حالتن تي ضابطو آندو

هن چيو ته اسان پنهنجي حڪومت ۾عوام کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڏنو، ملازمن جي پگهارن ۾ 150 سيڪڙو واڌ ڪئي، پر اڄوڪا حڪمران عوامي حقن تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن

بلاول ڀٽو چيو ته پي ٽي آءِ جي نالائق حڪومت آهي، جنهن کي عوام جي ڏکن توڙي مهانگائي جي ڪابه پرواهه ناهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*