وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان وٽ 50 لک گهر ٺاهڻ لاءِ پئسا نه آهن، اسان زمين ڏينداسين جتي پرائيويٽ سيڪٽر ذريعي غريب عوام لاءِ گهر ٺهرايا ويندا

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان وٽ 50 لک گهر ٺاهڻ لاءِ پئسا نه آهن، اسان زمين ڏينداسين جتي پرائيويٽ سيڪٽر ذريعي غريب عوام لاءِ گهر ٺهرايا ويندا

اسلام آباد ۾ نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هر شهر ۾ نجي سيڪٽر ذريعي اڌ زمين تي ڪمرشل سيڪٽر بڻائڻ لاءِ ڏينداسين ۽ اڌ زمين تي غريب عوام کي گهر ٺاهي ڏنا ويندا.

هن چيو ته هر شهر مان قرعه اندازي ذريعي 10 هزار گهر انهن غريب ماڻهن کي ڏنا ويندا جيڪي پنهنجو گهر ٺاهڻ جي سگهه نه ٿا رکن

وزيراعظم عمران خان چيو ته دنيا ۾ ماڻهو بئنڪ مان قرض کڻي گهر تعمير ڪرائين ٿا پر هتي اهڙو قانون نه آهي ان ڪري اسان قانون ۾ ترميم ڪرائينداسين

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*