واپارين وڌندڙ مهانگائي ۽ نوان ٽيڪسز لاڳو ٿيڻ خلاف ڇنڇر ڏهاڙي ملڪگير  هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

واپارين وڌندڙ مهانگائي ۽ نوان ٽيڪسز لاڳو ٿيڻ خلاف ڇنڇر ڏهاڙي ملڪگير  هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

واپاري اڳواڻن ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وفاقي بجيٽ سبب مهانگائي وڌي آهي، صنعتون بند ٿي رهيون آهن

هنن چيو ته 30 جون تي حڪومتي ٽيم سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن دوران مطالبا نه مڃيا ويا

واپارين چيو ته 13 جولاءِ تي سڄي ملڪ ۾ مڪمل ڪاروبار بند ڪري هڙتال ڪئي ويندي

 واپارين چتاءُ ڏيندي چيو ته ويليو ايڊيڊ ٽيڪس واپس نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*