سنڌڙي ويجهو 10 ورهين جي نينگر کي وارثن ذهني مريض قرار ڏيئي کيس کٽ سان ٻڌي ڇڏيو

سنڌڙي ويجهو 10 ورهين جي نينگر کي وارثن ذهني مريض قرار ڏيئي کيس کٽ سان ٻڌي ڇڏيو، وارثن جو چوڻ آهي ته غربت سبب شاهزيب جو علاج ڪرائڻ کان محروم آهيون، ايم پي اي ذوالفقارشاهه نينگر جي گهر پهچي کيس علاج لاءِ اسپتال ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو.

ڳوٺ الھڏنو ڪھيري ۾ نينگر شاهزيب کي وارثن ذهني مريض قرار ڏيئي کيس کٽ سان ٻڌي ڇڏيو

وارثن جو چوڻ آهي ته غربت سبب شاهزيب جو علاج ڪرائڻ کان محروم آهيون، ذهني توازن ٺهيڪ نه هئڻ ڪري کيس کٽ سان ٻڌي ڇڏيو آهي

ايم پي اي ذوالفقارشاهه نينگر جي گهر پهچي  کيس علاج لاءِ ميرپورخاص جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو

ايم پي اي ذوالفقارشاهه جو چوڻ آهي ته نينگر جون اڄ  ميڊيڪل ٽيسٽون ڪرايون آهن، سندس علاج ذاتي خرچ تي ڪرائيندس

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*