پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جج جي وڊيو ناهي ڏٺي، اها به خبر ناهي ته اهو سچ آهي يا نه، صورتحال کي ڏسي لڳي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو  ضرور آهي

 پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جج جي وڊيو ناهي ڏٺي، اها به خبر ناهي ته اهو سچ آهي يا نه، صورتحال کي ڏسي لڳي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو  ضرور آهي، وڊيو اسڪينڊل سواليا نشان آهي، عدليا ان جي جاچ ڪري، سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ادارن کي غيرتڪراري ٿيڻو پوندو، جيئن ڪنهن کي به ججز تي دٻاءُ وجهڻ جي همت نه ٿئي. هن چيو ته وفاق صوبن جي حقن تي ڌاڙا هڻي رهيو آهي، صوبن جو معاشي قتل عام ڪرڻ سان عوام جا حق غضب ٿي رهيا آهن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پپيلزپارٽي جا ڪارڪن عوام دشمن بجيٽ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهن، سنڌ ۾صحت وارو شعبو ۽ عوام کي مفت علاج فراهم ڪرڻ ترجيح آهي

هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، جي ايم سي عوام کي بهتر ۽ مفت علاج مهيا ڪندي

بلاول ڀٽو چيو ته سکر جي ايس آءِ يو ٽي ۽ اين آءِ وي سي ڊي ۾ عوام جو بهتر ۽ سستو علاج ٿي رهيو آهي، ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾به ٻارڙن جي اسپتال قائم ڪئي آهي

هن چيو ته گهوٽڪي ۾ اليڪشن کي سليڪشن بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،گهوٽڪي جي عوام فيصلو ڏنو آهي، جيڪو سليڪٽر کي پسند نه آيو، جنهن جي ڪري عوام جي راءِ کي روڪڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، پر گهوٽڪي جو عوام ان کي برداشت نه ڪندو.

بلاول ڀٽو چيو ته سڄي دنيا ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ساراهيو ويو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ هزارين عورتون لاڀ حاصل ڪري رهيون آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*