سماجي ويب سائيٽ تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ مريم نواز چيو ته نوازشريف کي انصاف فراهم ڪندي بنا دير جي آزاد ڪيو وڃي

نون ليگ جي اڳواڻ مريم نواز احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ کي هٽائڻ واري فيصلي تي رد عمل  ڏيندي اعليٰ عدليا کي گذارش ڪئي آهي ته اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي خلاف فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سماجي ويب سائيٽ تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ مريم نواز چيو ته نوازشريف کي انصاف فراهم ڪندي بنا دير جي آزاد ڪيو وڃي

مريم نواز چيو ته هاڻ هي معاملو نوازشريف تائين محدود نه رهيو آهي.مان انصاف جي لاءِ اعليٰ عدليا طرف ڏسي رهي آهيان

مريم نواز  چيو ته جج کي فارغ ڪرڻ جو واضح مطلب هي آهي ته مانواري اعليٰ عدليا حقيقتن کي مڃي ورتو آهي

هن چيو ته اسان جيڪي حقيقتون بيان ڪيون،جيڪڏهن معاملو ائين ئي آهي ته نواز شريف جي خلاف فيصلو  ڪيئن برقرار رکي سگهجي ٿو

مريم نواز چيو ته جيڪڏهن فيصلو ڏيندڙ جج کي هٽايو ويو ته بي گناهه نواز شريف کي ڇو آزادي نه پئي ڏني وڃي؟

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*