سُڌ سماءَ واري خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مرضي جا فيصلا وٺڻ ن ليگ جي روايت رهي آهي

سُڌ سماءَ واري خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مرضي جا فيصلا وٺڻ ن ليگ جي روايت رهي آهي، جسٽس سجاد علي شاهه تي حملو هجي يا جسٽس قيوم جي آڊيو وارو معاملو، ن ليگ سدائين ججز به پنهنجي مرضي جا لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

پنهنجي بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته جج ارشد ملڪ جو بيان حلفي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هي نه معصوم آهن ۽ نه ئي مظلوم آهن

هن چيو ته جج ارشد ملڪ جو بيان رڳو حلفي بيان نه پر اهو شريف خاندان خلاف چارج شيٽ آهي

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته چارج شيٽ سَسَلين مافيا ۽ گارڊ فادر جو اصل مطلب سمجهائي ٿي، نون ليگ وارا اقتدار ۾ هوندا آهن ته محافظن جي ڳلي پئجي ويندا آهن ۽ جڏهن اهي ڏکين حالتن ۾ هوندا آهن ته پير پڪڙيندا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*