ڊکڻ ويجهو 2 ڏينهن اڳ قتل ٿيل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري شڪارپور- لاڙڪاڻو روڊ ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو

ڊکڻ ويجهو 2 ڏينهن اڳ قتل ٿيل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري شڪارپور- لاڙڪاڻو روڊ ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ ايوب چانڊيو ۾ 2 ڏينهن اڳ قتل ٿيل نوجوان راشد چانڊيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مقتول جي وارثن نجمان خاتون، عاشق علي، آصف چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.

مڇريل ماڻهن واصل لڳ سم شاخ پل وٽ شڪارپور لاڙڪاڻو روڊ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي دانهيندي مقتول جي وارثن چيو ته نوجوان کي بيگناھ قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي.

مظاهرين چيو ته 2 ڏينهن گذرڻ باوجود ڊکڻ پوليس جوابدار ناهن گرفتار ڪيا،جيستائين جوابدار گرفتار نه ٿيندا تيستائين احتجاج جاري رهندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*