سجاول جوڻيجو ۾ پورهيت جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف  وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو

سجاول جوڻيجو ۾ پورهيت جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف  وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو، جنهن سبب مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل رهي.

عرضي ڀٽو موڙ تي ڳوٺ غلام محمد مهيسر جي رهواسي عورتن ۽ ٻارڙن پورهيت احمد نواز لولائي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شهدادڪوٽ رتوديرو روڊ تي ٽائرن کي باهه ڏئي ڌرڻو هنيو.

ڌرڻي سبب، سکر- شڪارپور  ۽ رتوديرو شهدادڪوٽ روٽن سميت ٻين ڏانهن شهرن ايندڙ ويندڙ  ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي رهواسين ڪپتان لولائي، ڊاڪٽر اڪبر لولائي ۽ ٻين چيو ته هڪ هفتو اڳ ڳوٺ جي بااثر پنج جريب زمين تي قبضي لاءِ پورهيت احمد نواز لولائي کي قتل ڪيو آهي.

هنن چيو ته پوليس جوابدار کي گرفتار نٿي ڪري، ويتر جوابدارن جي تحفظ لاءِ سندن گهرن آڏو پوليس پڪٽ قائم ڪئي وئي آهي.

ڊي ايس پي ميروخان ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي، جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*