مهانگائي، اضافي ٽيڪسز ۽ حڪومتي پاليسين خلاف واپارين جي ملڪ گير هڙتال آهي

مهانگائي، اضافي ٽيڪسز ۽ حڪومتي پاليسين خلاف واپارين جي ملڪ گير هڙتال آهي، ڪراچي ۾ طارق روڊ، بهادر آباد،بولٽن مارڪيٽ، لائيٽ هائوس، لالو کيت ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاروباري مرڪز بند آهن، واپاري اڳواڻن چيو آهي ته مهانگائي عوام جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون آهن، اڄوڪي هڙتال وفاي حڪومت کي آئينو ڏيکاري ڇڏيندي.

ڪراچي ۾ انجمن تاجران، واپاري ايڪشن ڪميٽي ۽ صدر طارق روڊ لائنس جي سڏ تي طارق روڊ، بهادرآباد، جامع ڪلاٿ، بولٽن مارڪيٽ، لائيٽ هائوس، لالو کيت، گلستان جوهر، گلشن اقبال، قائد آباد سميت مختلف علائقن ۾ ڪاروبار بند آهي.

انجمن تاجران سنڌ جي اڳواڻن چيو آهي ته  مهانگائي عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، اڄوڪي هڙتال وفاقي حڪومت کي آئينو ڏيکاري ڇڏيندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*