وزيراعظم عمران چيو آهي ته سسيلين مافيا جيان پاڪستاني مافيا به پنهنجي ڦرلٽ واري دولت بچائڻ لاءِ ٽڪساٽ استعمال ڪري رهي آهي

وزيراعظم عمران چيو آهي ته سسيلين مافيا جيان پاڪستاني مافيا به پنهنجي ڦرلٽ واري دولت بچائڻ لاءِ ٽڪساٽ استعمال ڪري رهي آهي.

سوشل ميڊيا تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته  پاڪستاني مافيا رشوت، بليڪ ميلنگ ۽ ڌمڪين تي لهي آئي آهي.

 وزير اعظم چيو ته هي مني لانڊرنگ جي ذريعي پرڏيهه ۾ جمع ڪيل دولت جو تحفظ چاهين ٿا.

عمران خان چيو ته  اهو ئي سبب آهي جو مافيا پاران  رياستي ادارن ۽ عدليا تي دٻاءَ وڌو پيو وڃي.

واضح رهي ته احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جون مبينا ويڊيوز سامهون اچڻ کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جج کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ به معاملي جي ٻڌڻي  لاءِ تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*