بلوچستان جي شهر صحبت پور جي اوچ شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو

بلوچستان جي شهر صحبت پور جي اوچ شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

صحبت پور جي پڇڙي جي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو ڏئي  صحبت پور- جعفرآباد قومي شاھراهه ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏي.

اوچ شاخ ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڻي جي شديد کوٽ پئدا ٿي وئي آهي،جنهن سبب ساريالو ٻيجارو ۽ فصل سڙي ويا آهن.

آبادگارن قومي شاهراهه تي ڌرڻو به ڏنو، جنهن سبب گاڏين جي اچ وڃ بند ٿي وئي آهي.

احتجاج دوران آبادگارن  آبپاشي عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد شاخ ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي.

مظاهرين کي خطاب ڪندي يونين ڪائونسل ڊرگهي جي اڳوڻي چيئرمين اشفاق احمد کوسي، آبادگار اڳواڻن عبدالفتاح کوسو ۽ ٻين چيو ته آبپاشي عملدار ڄاڻي واڻي پاڻي جي کوٽ پئدا ڪري رهيا آهن، جنهن سبب سندن فصل سڙي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*