ججز تي ريفرنس داخل ڪرڻ خلاف ڪراچي بار جي سڏ تي وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري  سائلين کي عدالت  اچڻ کان روڪيو

ججز تي ريفرنس داخل ڪرڻ خلاف ڪراچي بار جي سڏ تي وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري  سائلين کي عدالت  اچڻ کان روڪيو، جنهن سبب ڪيسن جون ٻڌڻيون ملتوي ڪيون ويون،جڏهن ته  وڪيل ايڪشن ڪميٽي هڙتال جي مخالفت ڪئي.

سپريم ڪورٽ جسٽس فائز عيسيٰ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ خلاف ڪراچي بار جي سڏ تي سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو.

وڪيلن ججز تي ريفرنس داخل ڪرڻ خلاف نعريبازي ڪئي، جڏهن ته عدالت جو مک دروازو بند ڪري سائلين کي عدالت اچڻ کان روڪيو پڻ ويو، جنهن سبب ڪيسن جون ٻڌنيون ملتوي ڪيون ويون.

ٻي طرف وڪيل ايڪشن ڪميٽي ڪراچي بار جي هڙتال جي مخالفت ڪندي هڙتال ڪندڙن خلاف نعريبازي ڪئي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*