نون ليگ اڳواڻ مريم نواز وزير اعظم عمران خان جي ٽوئيٽ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته توهان مافيا جو حصو آهيو

نون ليگ اڳواڻ مريم نواز وزير اعظم عمران خان جي ٽوئيٽ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته توهان مافيا جو حصو آهيو.

مريم نواز وزير اعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته ججز تي دٻاءَ وجهو ٿا ۽ سياسي مخالفن کي نشانو بڻايو ٿا ۽ کين سزا ڏياريو ٿا.

سماجي ويب سائيٽ تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ مريم نواز چيو ته اهي توهان ئي آهيو، جيڪو مخالفن کان بدلو وٺڻ لاءِ ادارن کي استعمال ڪري ٿو.

نون ليگ اڳواڻ چيو ته اهي توهان ئي آهيو، جيڪومخالفن  کي بدنام ڪري،انهن جي تذليل ڪريو ٿا،توهان کي شرم اچڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*