نون ليگ جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته اسان سموري ملڪ جي واپارين ۽ غريب عوام  سان گڏ آهيون

نون ليگ جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته اسان سموري ملڪ جي واپارين ۽ غريب عوام  سان گڏ آهيون،ملڪ تي مڙهيل مينڊيٽ چور حڪمرانن  ملڪ ۽ قومي کي آءِ ايم ايف وٽ وڪڻي ڇڏيو آهي.

جاري ڪيل بيان ۾  شهباز شريف چيو ته عمران نيازي جو پاڪستان کي لاڪ ڊائون ڪرڻ جو پراڻو خواب پورو ٿي ويو.

هن چيو ته گهر، دوڪان ۽ ڪارخانا بند ڪندڙ حڪمرانن جي سوچ، ماري ڇڏينداسين،ڪيرائي ڇڏينداسين، بند ڪري ڇڏينداسين کان اڳتي نٿي وڃي.

مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته بي گناهه ۽ مظلوم سياسي قيدي نوازشريف سان ظلم جو نتيجو ڀوڳي رهيا آهن.

هن چيو ته نوازشريف قوم کي مهانگائي،لوڊشيڊنگ ۽ بدامني کان ڇوٽڪارو ڏياريو.

اسان جي دور ۾ مهانگائي ٽي سيڪڙو تائين گهٽجي وئي هئي،اها ئي انهن کي تڪليف آهي.

هن چيو ته مخالفن کي تڪليف ٿي ته پاڪستان آئي ايم ايف مان ڪيئن جان ڇڏائي؟…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*