ڇاڇرو ۾ پوليس ڇاپو هڻي زبردستي پرڻايل يتيم نينگري کي هٿ ڪري ورتو

 ڇاڇرو ۾ پوليس ڇاپو هڻي زبردستي پرڻايل يتيم نينگري کي هٿ ڪري ورتو، نينگري دانهون ڪندي ٻڌايو آهي ته سندس ڀاءُ پئسن عيوض پوڙهي شخص سان شادي ڪرائي آهي.

پوليس موجب ٺڪراٺي ويجهو ڪارروائي ڪري 14 ورهين جي يتيم نينگري حميده مڱريو کي آزاد ڪرايو ويو، جڏهن ته سندس مڙس فرار ٿي ويو.

نينگري ٿاڻي تي ٻڌايو ته 2 مهينا اڳ سندس ڀاءُ 80 سالن جي شخص سان شادي ڪرائي آهي، جنهن کيس قيد ڪري رکيو آهي.

نينگري دانهون ڪندي وڌيڪ ٻڌايو ته هوءَ ننڍي عمر جي شادي مان خوش ناهي، ساڻس ظلم ڪري زندگي تباهه ڪئي وئي آهي.

هوڏانهن نينگري جو مڙس هئڻ جي دعويدار شخص ٺڪراٺي واسي شاهنواز راڄڙ ٻڌايو ته هن حميده مڱريو سان شادي لاءِ سندس ڀاءُ کي 20 لک رپيا ڏنا هئا…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*