وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وڊيوز واري سياست هاڻي ختم ٿي چڪي آهي،

وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وڊيوز واري سياست هاڻي ختم ٿي چڪي آهي، “چور مچائي شور” واري فلم  90 ڏينهن اندر ختم ٿي ويندي.

 لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته هڪ بادشاهه عمران خان کي چيو ته نوازشريف کي ڇڏيو، عمران خان بادشاهه کي جواب ڏيندي چيو ته  انهن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏينداسين.

هن چيو ته جيڪڏهن نوازشريف جو فيصلو ريورس ٿيو ته ان کي ٻئي ڪيس ۾ به سزا ملي ويندي.

شيخ رشيد چيو ته انهن کي الله معاف ڪري ته ڪري، مان انهن ٻنهي خاندانن کي معاف نه ڪندس.

ريلوي جي وزير چيو ته شهباز شريف کي حمزه عزيز آهي، مريم نوازشريف کي عزيز آهي.

هن چيو ته شهباز شريف وڪيٽ جي ٻنهي پاسي کيڏي رهيو آهي، شهباز شريف ۽ منهنجي هڪ ئي پارٽي آهي.

شيخ رشيد چيو ته نون ليگ جي اندر به ٻه گروپ آهن،هڪ ڊيل وارو ۽ ٻيو جوڊو ڪراٽي وراو.هن مطابق جيڪو ماڻهو پئسا ڏيڻ لاءِ تيار آهي،اسان انهن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

شيخ رشيد واضح ڪيو ته ملڪ ۾ اڄ به عظيم ترين ججز موجود آهن، جيڪي جمهوريت کي اڳتي وٺي وڃڻ چاهين ٿا.

ريلوي جي وزير چيو ته ريلوي ۾ سمورو مسئلو سکر ڊويزن ۾ آهي، ڪير به سکر وڃڻ لاءِ تيار نه آهي، صادق آباد حادثي جي ذميوارن خلاف مهيني اندر ڪارروائي ٿيندي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*