سوڀيديري  ۾ گذريل ڏينهن گم ٿي ويل 6 ورهين جي ٻار جو تشدد ٿيل لاش  وونئڻن جي فصل مان هٿ ڪيو ويو

سوڀيديري  ۾ گذريل ڏينهن گم ٿي ويل 6 ورهين جي ٻار جو تشدد ٿيل لاش  وونئڻن جي فصل مان هٿ ڪيو ويو،ٻارڙي جي پيءُ جو چوڻ آهي ته سندس پٽ هڪ ڏينهن اڳ شام جو اوچتو گم ٿي ويو، اڄ لاش مليو، پٽ کي بيگناھ قتل ڪيو ويو آھي.

ڳوٺ راوت مشوري مان گذريل ڏينهن پراسرار نموني گم ٿيل 6 ورهين جي ٻارڙي اسلم مشوري جو تشدد ٿيل لاش ڳوٺ ڀرسان وونئڻن  جي فصل مان مليو.

اطلاع تي سوڀوديرو پوليس ۽ ٻارڙي جي وارثن واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي سوڀوديرو اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو پئي ويو.

ٻارڙي جي پيءُ تسليم احمد مشوري ٻڌايو ته سندس پٽ گذريل ڏينهن شام جو پراسرار نموني گم ٿي ويو، اڄ تشدد ٿيل لاش مليو آهي، انصاف ڪيو وڃي.

 پوليس جو چوڻ آھي ته لاش جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد جاچ کي اڳتي وڌايو ويندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*