دادو  ۾ بدفعلي بعد قتل ڪيل نينگر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي

دادو  ۾ بدفعلي بعد قتل ڪيل نينگر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي.

ڳوٺ فضل جي ڪنڊي واسي مقتول نينگر اختر پنهور جي وارثن مجيب پنهور، نور محمد، جاويد پنهور  ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي هنن الزام هنيو ته پوليس وڏيرن جي چرچ تي ڪيس لوڙهڻ چاهي ٿي، گرفتار ٿيل 3 جوابدارن مصدق پنهور، رضوان ۽ بدرالدين کي آزاد  ڪري ڇڏيو آهي، جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

 مقتول نينگر جي وارثن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*