آزاد ڪشممير  جي مظفر آباد واري علائقي ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ تباهي آڻي ڇڏي

آزاد ڪشممير  جي مظفر آباد واري علائقي ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ تباهي آڻي ڇڏي، پاڻي جو وڏو وهڪرو هڪ ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ بعد ڪيترائي ماڻهو لڙهي ويا، انتظاميا 22 ڄڻن جي ٻڏي فوت ۽ 17 ڄڻن جي گم ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ٻوڏ سٽيل علائقي ۾ تڪڙي  امدادي ڪاررواين جو اعلان ڪيو آهي.

مظفر آباد  ويجهو وادي نيلم ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي، 22 ڄڻا ٻڏي  وڃڻ ۽ 17 ڄڻن جي گم ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

ميڊيا رپورٽس موجب ڊائريڪٽر آپريشن ايس ڊي ايم  جو چوڻ آهي ته ٻوڏ جو هڪ وڏو وهڪرو گذريل رات ليسوا ڳوٺ مان گذريو، جنهن جي نتيجي ۾ 150 گهر سزت متاثر ٿيا.

ڊائريڪٽر آپريشن جو چوڻ هو ته سياحن جون ڪيتريون ئي گاڏيون وهڪري ۾ لڙهي وڃڻ جا اطلاع آهن.

ميڊيا رپورٽس موجب ڊائريڪٽر آپريشن ٻوڏ جي وهڪري ۾ 22 ڄڻن  جي فوت ۽ 17 ڄڻن جي لاپتا ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.

ميڊيا رپورٽس موجب ٻوڏ سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي، جنهن ڪري امدادي ٽيمن کي ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ٻئي طرف آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر فوري طور تي امدادي ڪارروايون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*