وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار بئريسٽر شهزاد اڪبر پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف کي چئلينج ڪندي چيو آهي ته ڊيلي ميل جي رپورٽ ڪوڙي آهي

وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار بئريسٽر شهزاد اڪبر پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف کي چئلينج ڪندي چيو آهي ته ڊيلي ميل جي رپورٽ ڪوڙي آهي ته هو عدالت ۾ سندس مقابلو ڪري، هڪ هڪ ثبوت پيش ڪيو ويندو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران شهزاد اڪبر مختلف رسيدون ڏيکاريندي چيو ته مني لانڊرنگ جون سموريون ڪهاڻيون سامهون اچي ويون آهن ،حمزه ۽ سلمان شهباز جا 95 سيڪڙو اثاثا جعلي ٽي ٽي ذريعي ٺهيا، چوري جي پئسن سان ٺاهيل مال قانون موجب ضبط ٿيندو.

هن چيو ته گذريل ڏينهن برطانوي ميگزين ۾ شريف ڪٽنب جي مني لانڊرنگ جو انڪشاف ٿيو، خبر جي جواب ۾ اليڪشن ڪمپين جي دوراان پراڻي واري تصوير ڏيکاري وئي ۽ الزام هنيا ويا، ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪا حد هوندي آهي.

شهزاد اڪبر چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾باقي جعلي ڪمپنين بابت آگاهي ڏيندس، لٽيل مال ايندڙ ڏينهن ۾هٿ ڪيو ويندو ۽ چوري جي پئسن سان ٺاهيل مال ۽ گهر ضبط ٿيندا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*