سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، پي پي جي سينئر اڳواڻ ۽ ايم پي اي نادر مگسي جي پنهنجي ئي پارٽي ۽ صوبائي حڪومت تي ڇتي تنقيد

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، پي پي جي سينئر اڳواڻ ۽ ايم پي اي نادر مگسي جي پنهنجي ئي پارٽي ۽ صوبائي حڪومت تي ڇتي تنقيد، سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي نادر مگسي چيو آهي ته پ پ جا وڏيرا واٽر ڪورس ٽوڙڻ ۾ ملوث آھن، ڀلي جاچ ڪرايو مان ملوث نڪران ته مون خلاف به ڪيس داخل ڪرايو جيڪڏهن پارٽي جو ٻيو ماڻهو ملوث آهي ته ان خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڪارروائي ڪريو، مسئلو حل نه ٿيو ته پنهنجي تڪ ۾ نه وڃي سگهنداسين، آبپاشي کاتو وڏي وزير وٽ آهي معاملي جو نوٽيس وٺي.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي  پي پي ايم پي اي نادر مگسي چيو ته سندس ضلعي سان زيادتي ٿي رهي آھي، واضح ٿو ڪرڻ چاهيان ته جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته اسان تڪن ۾ نه وڃي سگهنداسين.

نادر مگسي چيو ته منهنجي ضلعي ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي، وڏو وزير هن مسئلي کي سنجيدگي سان وٺي، پاڻي موجود آهي پر ان جي صحيح ورڇ نه پئي ٿئي

پي پي ايم پي اي چيو ته منهنجو واٽر ڪورس ڀڳل هجي ته پهريان منهنجي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، پنهنجي ئي حڪومت ۾ اسان پاڻي لاءِ دانهون ڪيون پيا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*