اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي هڪ ڀيرو ٻيهر الزام هڻندي چيو آهي ته برطانوي اخبار ڊيلي ميل ۾ شهباز شريف خلاف خبر لڳرائڻ شهزاد اڪبر جو ئي ڪارنامو آهي

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي هڪ ڀيرو ٻيهر الزام هڻندي چيو آهي ته برطانوي اخبار ڊيلي ميل ۾ شهباز شريف خلاف خبر لڳرائڻ شهزاد اڪبر جو ئي ڪارنامو آهي، شهزاد اڪبر وٽ جيڪڏهن ڪي ثبوت آهن ته نيب آڏو پيش ڪيا وڃن.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته جنهن فنڊ جو شهباز شريف تي الزام هنيو پيو وڃي ان سان سندس ڪو به تعلق نه آهي، وزيراعظم ۽ سندس مشير شهزاد اڪبر وٽ ڪي ثبوت آهن ته نيب آڏو پيش ڪيا وڃن.
هن چيو ته نويد اڪرم پنجاب پاور ڪمپني ۾ هو، کيس شهباز شريف ڪرپشن ڪرڻ تي نيڪالي ڏني هئي، کائنس 40 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا ويا.
سندس چوڻ هو ته امداد ڏيندڙ برطانوي اداري کي به نشانو بڻايو پيو وڃي، شهباز شريف هرجاڻي جي دعويٰ ڪئي پر وزيراعظم جو وڪيل پيش نه ٿيو.
شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته شهباز شريف برطانوي عدالت ۾ هرجاڻي جي دعويٰ جو ڪيس داخل ڪري رهيو آهي، شهزاد اڪبر ٻڌائي ته هن پرڏيهي دورن تي ڪيترا پئسا خرچ ڪيا.
نون ليگ جي سينيئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي چيو ته ايرا جي فنڊز سان پنجاب حڪومت جو ڪو به تعلق نه آهي، عجيب تماشو ۽ ڪوڙ رچايو پيو وڃي، جيڪڏهن ايرا جي خلاف ڪيس ٺاهڻو آهي ته پرويز مشرف خلاف به ڪيس ٺاهيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*