وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گهر ٺاهڻ لاءِ آسان شرطن تي قرضن لاءِ آرڊيننس سڀاڻي جاري ڪيو ويندو، ملڪ ۾ رڳو اهي ئي ماڻهو گهر خريد ڪري سگهن ٿا جن وٽ پئسا آهن

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گهر ٺاهڻ لاءِ آسان شرطن تي قرضن لاءِ آرڊيننس سڀاڻي جاري ڪيو ويندو، ملڪ ۾ رڳو اهي ئي ماڻهو گهر خريد ڪري سگهن ٿا جن وٽ پئسا آهن

اسلام آباد ۾ نيا پاڪستان هائوسنگ پراجيڪٽ اسڪيم جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڏهائي 2 سيڪڙو گهرن لاءِ فنانس ملي ٿو، ملڪ ۾ رڳو اهي ئي ماڻهو گهر خريد ڪري سگهن ٿا جن وٽ پئسا آهن.

هن چيو ته پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ گهرن جي ضرورت آهي، پگهاردار طبقو ۽ گريڊ 19 کان هيٺ جي سرڪاري ملازمن وٽ گهر ٺاهڻ جا وسيلا نه آهن

سندس چوڻ هو ته اسان آرڊيننس آڻي رهيا آهيون جنهن سان گهر ٺاهڻ لاءِ مالي وسيلا فراهم ٿي سگهندا، اسڪيم جو مقصد آهي ته ماڻهو رجسٽر ٿين ۽ ٻڌائي سگهن ته هر مهيني گهر لاءِ ڪيتري قسط ادا ڪري سگهن ٿا، ان سان خبر پوندي ته شهرين وٽ گهر ٺاهڻ لاءِ ڪهڙا وسيلا آهن.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته هائوسنگ سيڪٽر ۾ ڳچ ماڻهو اچڻ چاهين ٿا، اهو پهريون ڀيرو آهي جو هيٺين طبقي لاءِ گهرن جي فراهمي لاءِ هائوسنگ سيڪٽر اچي رهيو آهي، ڪوشش آهي ته گهر ٺاهڻ لاءِ ننڍيون ڪمپنيون وجود ۾ اچي سگهن ، اسڪيم شروع ٿيڻ سان 40 صنعتن جو ڦيٿو هلڻ شروع ٿي ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*