نون ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ڪِرائَي جي ڪوڙن ترجمانن ذريعي ڌمڪائي رهيو آهي جيڪڏهن همٿ آهي ته هو سامهون اچي

نون ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ڪِرائَي جي ڪوڙن ترجمانن ذريعي ڌمڪائي رهيو آهي جيڪڏهن همٿ آهي ته هو سامهون اچي، برطانوي اخبار جي ڪوڙي خبر تي عمران خان وٽ ڪي ثبوت آهن ته پيش ڪري.

پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان ۾ اخلاقي جرعت آهي ته هو لنڊن جي عدالت ۾ ضرور پيش ٿئي، وزيراعظم، شهباز شريف جي هرجاڻي واري دعويٰ تي پيش ٿيڻ کان ڀڄي ويو

مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ 18 جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ به فرار ٿي ويو، عمران خان ٻڌائي ته سندس اِيسٽ ريڪوري يونٽ عليمه باجي جِي پرڏيهي ملڪيت جي ڪيتري ريڪوري ڪئي آهي.

نون ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته ٻڌايو وڃي ته عمران خان جَي اِيسٽ ريڪوري يونٽ جهانگير ترين جي بورچين ۽ مالين جي نالي تي ٿيل مني لانڊرنگ جي ڪيتري ريڪوري ڪئي آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*