وزيراعظم  عمران جي سڌ سماءَ بابت خاص معاون  فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي جو چيلينج قبول آهي

وزيراعظم  عمران جي سڌ سماءَ بابت خاص معاون  فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي جو چيلينج قبول آهي، چوري جو پيرو برطانيا وڃي رهيو آهي،وڌيڪ انڪشاف اڃان ٿيڻا آهن.

وزير اعظم جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي  چيو ته هي پهرين حڪومت آهي، جيڪا چورن کي گهرن تائين پهچائي رهي آهي.چوري ۽ سينا زوري  هاڻ نه هلندي، ڦريل مال واپس ڪرڻو پوندو،هي ٻاويهه ڪروڙ عوام جو ڪيس آهي.

فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته شاهد خاقان  عباسي صاحب! شهباز شريف جيڪو چوندو آهي،اهو ڪندو ناهي.

هن چيو ته شهباز شريف کي آصف زرداري کي رستن تي گهلڻو هو، پر ان کي سيني سان لائي ڇڏيو.

ٽڪي پئسي جي ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي سياست ڇڏڻ جوبه اعلان ڪيو هو،ڇهن مهينن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم نه ٿيڻ تي نالوتبديل ڪرڻ جو وعدو به وساري ويٺو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*