پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪ، آمريڪا لاڳاپا انتهائي اهميت وارا آهن

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪ، آمريڪا لاڳاپا انتهائي اهميت وارا آهن،ٻنهي ملڪن ۾ مثبت ۽ تعميري  ڳالهه ٻولهه ضروري آهي.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته وزير اعظم عمران خان جو آمريڪا جو دورو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ اهم ثابت ٿيندو.

پرڏيهي وزير چيو ته يورپي يونين پاڪستان سان اهم  اسٽريٽجڪ ٺاهه ڪيوآهي.

هن چيو ته وزير اعظم جي آمريڪا جي دوري سان  اعتماد سازي جي فضا بحال ٿيندي،ٻنهي ملڪن ۾مثبت ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ضروري آهي.

پرڏيهي وزير  چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾لاها چاڙها ايندا رهيا آهن.اسان جي پرڏيهي پاليسي ۾ آمريڪا  سان واسطا انتهائي اهميت وارا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*