ڪنڌڪوٽ ۾استادن اعتماد ۾ نه وٺڻ جو جواز ڄاڻائي شاگردن کي تعليمي جاڳرتا ريلي ڪڍڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪنڌڪوٽ ۾استادن اعتماد ۾ نه وٺڻ جو جواز ڄاڻائي شاگردن کي تعليمي جاڳرتا ريلي ڪڍڻ کان روڪي ڇڏيو، ريلي ڪڍڻ لاءِ پرائمري اسڪول پهتل تعليم کاتي جي آفيسرز  ۽ استادن وچ ۾ ڏند چڪ بعد ڇڪتاڻ وڌي وئي، صورتحال بابت ڊي سي کي آگاهي ڏني وئي.

سنڌ حڪومت طرفان سرڪاري اسڪولز ۾ ٻارڙن جي داخلا کي يقيني بڻائڻ لاءِ جاڳرتا ريليز ڪڍڻ واري اعلان بعد اڄ ڪنڌڪوٽ  جي استادن  مخالفت ڪندي جاڳرتا ريلي ڪڍڻ نه ڏني.

جاڳرتا ريلي ڪڍڻ لاءِ تعليم کاتي جا آفيسرز سول سوسائٽي تنظيمن جي اڳواڻن سميت ضلعي هيڊڪواٽر آدرش پرائمري اسڪول پهتا ته اتي موجود استادن جي يونين اڳواڻن اعتماد ۾ نه وٺڻ جو سبب ڄاڻائي ريلي ڪڍڻ نه ڏني، جنهن تان ڌرين وچ  ۾منهن ماري ٿي.

 ڄاڻايل اسڪول ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بيٺل شاگردن کي استادن جاڳرتا ريلي ڪڍڻ کان روڪي گهرن ڏانهن هليو وڃڻ جو چيو، ان دوران تعليم کاتي جي آفيسرز ۽ استادن وچ ۾ڇڪتاڻ  پيدا ٿي وئي.

شاگردن کي ريلي ڪڍڻ کان روڪڻ ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال بابت ڊي سي ڪشمور ائٽ ڪنڌڪوٽ کي فوري طور  آگاهه ڪيو ويو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*