ملير پوليس حساس اداري جو جعلي ڪرنل سڏائي شهرين کي بليڪ ميل ڪري ڦريندڙ فراڊي شخص کي سوگهو ڪري ورتو

ملير پوليس حساس اداري جو جعلي ڪرنل سڏائي شهرين کي بليڪ ميل ڪري ڦريندڙ فراڊي شخص کي سوگهو ڪري ورتو، پوليس موجب جوابدار وٽان جعلي سروس ڪارڊ به هٿ ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي ملير موجب پاڻ کي حساس اداري جي ڪرنل سڏائيندڙ ساجد نالي شخص کي سوگهو ڪري وٽانئس جعلي سروس ڪارڊ ۽ پسٽل به هٿ ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته جوابدار حساس اداري جو ڪرنل سڏائي ماڻهن کي بليڪ ميل ڪري ڦرلٽ ڪندو هو، جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*